سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن

سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن

سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن

سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن: هيءَ غير سرڪاري فلاحي تنظيم آهي، جيڪا عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ انهن ۾ سماجي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي. سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن جو بنياد 13 فبروري 2005ع تي نوابشاهه جي نوجوانن وڌو. هيءَ تنظيم خاص طور پوئتي پيل هيٺئين طبقي جي اوسر لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي ٿي. صحت، تعليم، انساني حقن، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻين مقامي معاملن بابت عام جاڳرتا جا ڪم ڪرڻ به هن تنظيم جي مکيه سرگرمين ۾ شامل آهن. جنسي متڀيد ۽ طبقاتي فرق خلاف مهم هلائي صحتمند معاشري جو قيام لاءِ ڪم ڪرڻ وارو مقصد هن تنظيم جي متن ۾ شامل آهي.
سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن جا هيٺيان پروگرام آهن: ڪميونٽي موبلائيزيشن اينڊ ڊيولپمينٽ پروگرام (برادريءَ ۾ ترقيءَ ۽ اتساهه پيدا ڪرڻ)، هيلٿ، سيف ڊرنڪنگ واٽر اينڊ سينيٽيشن (صحت، صاف پاڻي ۽ صفائيءَ لاءِ نيڪال)، سيف ڊرنڪنگ واٽر ڪيمپيئن (پيئڻ لاءِ صاف پاڻي)، ڪميونٽي ليڊ سينيٽيشن (برادريءَ طرفان صفائي)، ڪميونٽي اويئرنيس ڪئمپيئن آن ايڇ. آءِ وي، ايڊز اينڊ هيپاٽائٽس، ارلي چائلڊ ڪيئر (برادريءَ ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائٽس بابت ڄاڻ)، اويئرنيس ڪئمپئن آف انوائرمينٽ اينڊ ڪلائيميٽ چينج (آبهوا جي تبديلي ۽ ماحوليات بابت ڄاڻ). هيءَ تنظيم، پلانٽ انٽرنيشنل پاڪستان، ايڪشن ايڊ ، يون. اين. ڊي. پي.، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام وغيره جي سهڪار سان ڪم ڪري ٿي. تنظيم جي هيڊ آفيس نوابشاهه شهر، ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ آهي.


لفظ سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو